رابيل ڪتاب گھر لاڙڪاڻو

رابيل ڪتاب گھر، لاڙڪاڻو: رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻي ۾ 86-1985ع ڌاري قائم ڪيو ويو، جنهن ۾ علمي، ادبي، سياسي ڪتاب موجود آهن. هي ڪتاب گهر لاڙڪاڻي جو وڏي ۾ وڏو ادبي ڪتاب گهر آهي، جنهن جو سنڀاليندڙ فيض ڇڄڙو آهي. هي ڪتاب گهر علم دوستن جي ادبي اُڃ اجهائڻ جو سٺو مرڪز آهي، جتان پڙهندڙن کي رعايتي ڪتاب ملن ٿا. هي سڳنڌ ڪتاب گهر کان پوءِ لاڙڪاڻي جو هڪ اهم ڪتاب گهر آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو